صحرا ۾ ستل قذافي

صحرا ۾ ستل قذافي

صحرا ۾ ستل قذافي

صحرا ۾ ستل قذافي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب لبيا جي ڪرنل قذافيءَ بابت مختلف ليکڪن جي مضمونن تي مشتمل آهي، جنهن جو سنڌيڪار نامور اديب يوسف سنڌي آهي. هن ڪتاب ۾ ڪل 13 مضمون شامل آهن، جن ۾ (1) منهنجو پٽ منهنجو صدر، (2) يونائيٽيڊ اسٽيٽس آف آفريڪا جو خواب ڏسندڙ، (3) لبيا جي آزاديءَ جو عرب هيرو عمر ال مختيار، (4) لبيا ۾ الفتح انقلاب جي چاليهن سالگرهن جو جشن، (5) آمريڪا جو تازو شڪار ڪرنل قذافي، (6) ڪرنل قذافي ۽ چي گويرا جي موت ۾ هڪجهڙائي، (7) ڪرنل قذافيءَ جا گهر ڀاتي، (8) صحرا ۾ ستل قذافي، (9) قذافيءَ جو موت آفريقا جو وڏو نقصان، (10) لبيا جي آزادي ۽ انسان جي سامراجي شڪل، (11) ڪرنل محمد قذافي، (12) محمد قذافي جو لبيا، ۽ (13) فيڊرل ڪاسترو جو بيان شامل آهن. 88 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان هن ڪتاب کي سچائي اشاعت گهر دڙي، 2015ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن جي قيمت 100 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو